دريا خان فقير 1

دريا خان فقير: خان فقير'>دريا خان فقير هڱورجا، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه وقت شڪارپور ۾ انگريزن جي فوج ۾ نوڪري ڪيائين. اوچتو فقيري رنگ لڳس ۽ نوڪري ڇڏي حضرت قلندر شهباز جي درگاهه تي پهتو. اتي ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ سير و سفر ڪندي نوشهري جي صوفي بزرگ، مخدوم عبدالحئي نقشبندي جو مريد ٿيو. ان بعد لالو رانئڪ تعلقي وارهه ۾ اچي آستانو اڏيائين. 5 ذوالحج 1309هه/ 1891ع تي وفات ڪيائين. شعر به چيو اٿس، جيڪو بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. نموني طور سندس هڪ ڪافي جا ڪجهه بند هتي پيش ڪجن ٿا:
مٿئون آيا مينهن ملي،
هيٺئون درياء جي آب اٿل ڪئي.
کنڊ ٻڌندي خلق ٿڪي پئي،
ڪير پاڻيءَ جو زور جھلي.
خاوند خلق کي خوش جو ڪيڙو
پوکون پڪيون ٿن ان جھلي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو